چشموي بزرگ

چشموي بزرگ: خواجه محمد عمر جان چشموي، نقشبندي سلسلي جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ 1288هه/ 1871ع ۾ چشمه ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس والد بزرگ خواجه فيض الحق چشموي (1255-1318هه) به اهل علم بزرگ ٿي گذريو آهي. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ خواجه محمد عمر گادي نشين ٿيو. هيءُ بزرگ سياري جا 6 مهينا شڪارپور ۾ اچي قيام ڪندو هو ۽ ماڻهن کي الله جي ذڪر جي تلقين ۽ دين جي تبليغ ڪندو هو. خواجه محمد عمر جان چشمويءَ وٽان چاليهارو روحاني طالبن خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. 1360هه/ 1941ع ۾ وفات ڪيائين.
شڪارپور جا ڪيترا وڏا ماڻهو سندس عقيدتمند هئا، جن ۾ شهيد الله بخش سومرو ۽ حاجي مولابخش سومرو شامل هئا. هن جو فرزند حضرت عبدالحئي جان چشموي (1901-1969ع) ۽ آغا عبدالله جان هدوي (1903-1979ع) به سندس خاص خليفا هئا، انهن بزرگن جون مزارون ڪوئيٽا پاور اسٽيشن روڊ ڀرسان چشمه ڳوٺ ۾ موجود آهن. شڪارپور ۾ خانچند آباد محلي ۾ هنن بزرگن جي قائم مسجد اڄ به موجود آهي. هن مسجد ۾ چشموي بزرگن جي خاندان مان ئي ڪو امامت جا فرض انجام ڏيندو آهي. هي مسجد ’چشمي واري بزرگ جي مسجد‘ جي نالي سان سڏجي ٿي


هن صفحي کي شيئر ڪريو